چوٽيهون در

چوٽيهون در

چوٽيهون در

چوٽيهون در (ڪهاڻيون): سنڌي زبان جي مقبول ڪهاڻيڪار نسيم احمد کـرل جي ڪهاڻين جو مجموعو ’چوٽيهون در‘ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن ڪراچيءَ، جون 1980ع ۾ ڇــپائي پــڌرو ڪـيـو هــو. هـن ڪـهـاڻـي- ڪـتاب ۾ نـسيـم کــرل جـون 11 ڪهاڻيون: مڪسڊ گرل، پهرين منزل، مجاور، آٿت، ڪرنٽ، اٽالو پُڊنگ، السلام عليڪم، دارالفلاح، پارٽنر، چوٽيهون در ۽ پهريون پهر شامل آهن. هي سموريون ڪهاڻيون نسيم کرل جي سماجي شعور جو آئينو آهن. هن هڪ ئي وقت سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهري زندگيءَ تي ڪامياب ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ سماج جي اوڻاين جي منهن تان پردو هٽايو آهي. هن مجموعي جون سڀ ڪهاڻيون شاهڪار آهن، پر ’چوٽيهون در‘ ڪهاڻي اهڙي حقيقت آهي، جيڪا نسيم کرل جي زندگيءَ کان وٺي اڄ تائين دهرائبي اچي ٿي.
ڪرائون سائيز جي 156 صفحن تي مشتمل هن ڪهاڻي ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.


لفظ چوٽيهون درھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو